ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي ۽ بدامني خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سکر کان نڪتل پيادل مارچ گهگهر ڦاٽڪ پهچڻ تي مختلف تنظيمن طرفان شاندار آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.
15 فيبروريءَ تي ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي ۽ بدامني خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سکر کان نڪتل پيادل مارچ ملير جي حدن ۾ پهچي ويو.
ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙي، امير آزاد پنهور، جگديش آهوجا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قافلي جو گهگهر ڦاٽڪ پهچڻ تي اعجاز سامٽئي، منظور ابڙي، ضمير حاجاڻي ۽ ڏاڏو محمد علي بوزدار سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شاندار آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي.
قافلو اڄ ۽ سڀاڻي ملير جي حدن ۾ رهڻ بعد 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو جتي جلسو ڪيو ويندو.
قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي..