سڳيون ويجهو ٻه ڏينهن ٿريشر مشين ۾ اچي زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻه ڏينهن اڳ ٿريشر مشين ۾ اچي ٽريڪٽر ڊرائيور جلال الدين چنا زخمي ٿي پيو هو، وارثن زخمي کي کڻائي گمبٽ جي اسپتال منتقل ڪيو هو.
زخمي نوجوان جلال الدين چنا اڄ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.