ڪرڪيٽ جي دنيا جي مشهور عالمي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ويسٽ اسٽينڊ جو نالو سچن ٽنڊولڪر اسٽينڊ رکيو ويو آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر 34اسٽيڊيمز ۾ کيڏيل ون ڊي ميچز ۾ 49 سينچريز اسڪور ڪيون، جڏهن ته شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سندس 7 سينچريون شامل آهن.
شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ويسٽ اسٽينڊ جو نالو سچن ٽنڊولڪر اسٽينڊ رکيو ويو آهي، سچن ٽنڊولڪر جو چوڻ هو ته شارجا ۾ کيڏڻ جو هڪ شاندار تجربو رهيو ڇو ته شارجا ۾ سڄي دنيا جا شوقين ميچ ڏيڻ ايندا آهن ۽ کين سپورٽ ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته راند سان محبت ڪندڙن لاءِ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هڪ خاص جاءِ آهي .
شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي سي اي او خلف بخار جو چوڻ هو ته سچن ٽنڊولڪر جي نالي سان اسٽينڊ منسوب ڪندي کين خوشي ٿي رهي آهي، سندن ڪوشش آهي ته هو انهن عظيم رانديگرن کي خراج پيش ڪن جن پنهنجي شاندر اننگز شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون.
هن چيو ته سچن ٽنڊولڪر اسٽينڊ کانپوءِ جلد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي رانديگرن جي نالن سان به اسٽينڊ منسوب ڪيا ويندا.
شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سڀ کان وڌيڪ ون ڊي مئچز کيڏڻ تي گنيز ورلڊ رڪارڊ حاصل ڪيو آهي.