بي آءِ ايس پي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري، ضرورتمندن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 90 لک ضرورتمندن کي آگاهه ڪيو وڃي ته حڪومت بينظير ڪفالت جو ٽه ماهي وظيفو 7 هزار مان وڌائي ساڍا 8 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني.
اجلاس دوران بينظير ڪفالت جي ٽه ماهي قسط ست هزار کان وڌائي ساڍا 8 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
ڊائنامڪ رجسٽري تحت نون ضرورتمندن کي بي آءِ ا يس پي رجسٽريشن جو موقعو ملندو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته ضرورتمند هاڻي ساڍا 8 هزار رپيا ٽه ماهي قسط وصول ڪندا.
هن چيو ته ڪنهن به قسم جي شڪايت جي صورت ۾ بي آءِ ايس پي جي ويجهي آفيس ۾ آگاهه ڪري سگهجي ٿو.