شاعر مشرق علامه اقبال جو 146 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي سندس جنم ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي.
لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي.
سامونڊي فوج جي دستي مزار اقبال جي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.
تقريب ۾ نيوي لاهور جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور ساجد حسين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ڪموڊور ساجد حسين، سامونڊي فوج جي سربراهه طرفان مزار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.
نيوي لاهور جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور ساجد حسين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي هڪ ڪرڻ جو پيغام ڏنو.