- Advertisement -
شام ۾ ڦاٿل 350 کان وڌيڪ پاڪستاني حفاظت سان لبنان پهچي ويا آهن.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 350 کان وڌيڪ پاڪستاني شام جي سرحد پار ڪري لبنان پهچي ويا.
ذريعن موجب، بيروت پهتل پاڪستانين کي خصوصي اڏام ذريعي ڏيهه واپس آندو ويندو، لبنان پهتلن ۾ 20 استاد ۽ شاگرد به شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خصوصي اڏام 48 ڪلاڪن ۾ بيروت ايئرپورٽ کان پاڪستانين لاءِ هلائڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم جي هدايت تي سول ايوي ايشن خصوصي اڏامن جي اجازت ڏيندي.
ذريعن موجب، شام ۽ لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار شام مان شهرين جي حفاظت سان واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن.- Advertisement -
