فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي سھري ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ناٺيءَ جي دفاع ۾ ڳالهائيندي شعيب اختر کي مذاق مذاق ۾ ڇنڊ پٽي.
پاڪستاني ٽيم جا اڳوڻا اسٽار ڪرڪيٽر ليجنڊ ليگ ڪرڪيٽ لاءِ قطر ۾ موجود آهن، هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنھن ۾ ايشيا لائينز جي شاهد آفريدي، مصباح الحق ۽ شعيب اختر سميت ڪيترن ئي رانديگرن کي بس ۾ سفر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ شاهد آفريدي کلندي مصباح کي ٻڌائي ٿو ته شعيب اختر هڪ انٽرويو ۾ شاهين کي چيو هو ته جيڪڏهن ھو شاهين جي جاءِ تي هجي ها ته ائين ڪري ها، هو،ھونئن ڪريان ها، جنهن تي ھن کيس چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شعيب اختر ڪرڪيٽ لاءِ گھڻو ڪجھھ برداشت ڪيو آهي.
پنهنجي ڳالھھ جاري رکندي شاهد آفريدي چيو تھ شعيب اختر ايتريون انجيڪشنز لڳايون آهن جو ھو هاڻي ھلي بھ نھ ٿو سگھي ۽ ڄنگھن مان پلستر به نه ٿو لاھي.
شاهد آفري جي ڳالهه تي شعيب اختر ۽ مصباح سميت بس ۾ موجود سمورا رانديگر کلندا رھيا.