تازه ترين

شاهد آفريدي فائونڊيشن طرفان ٻه جديد موبائل ھيلٿ يونٽ ٿرفائونڊيشن حوالي ڪري معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون

شاهد آفريدي فائونڊيشن طرفان ٻه جديد موبائل ھيلٿ يونٽ ٿرفائونڊيشن حوالي ڪري معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سي اي او عامر اقبال ۽ شاهد آفريدي فائونڊيشن جي سي اي او ظفر اقبال ڪاغذن تي صحيحون ڪيون.

ان موقعي تي عامر اقبال شاھد آفريدي فائونڊيشن جي سھڪار کي ٿر ۾ صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ اھم قدم قرار ڏنو.

عامر اقبال چيو ته موبائل ھيلٿ يونٽس جو بنيادي مقصد ڏورانهن علائقن ۾ صحت جي حوالي سان ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ٿر فائونڊيشن اڳ ئي ٿرپارڪر ضلعي ۾ صحت جا پنج مرڪز ھلائي رھي آھي.

دستاويزن تي صحيحن واري تقريب کان اڳ ٿر فائونڊيشن جي جنرل مئنيجر فرحان انصاري مهمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ موبائل ھيلٿ يونٽ حوالي ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون