پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس شاهه محمود قريشي کي گلگت هائوس مان ٽي ايم پي او تحت گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جي ڪيسن ۾ نامزد آهي.
گرفتاري کان اڳ ويڊيو بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هي تحريڪ حقيقي آزادي جي تحريڪ آهي، سڀني گڏجي هن ۾ حصو وڌو آهي.
هن چيو ته عمران خان کيس ذميواري ڏني هئي جنهن کي ان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪري رهيو آهي.
شاهه محمود چيو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان هن هر فورم تي پاڪستان جي مفادن جو دفاع ڪيو، کيس سياسيت ۾ عملي طور تي چاليهه سال ٿي ويا آهن، هن ڪوبه غلط ڪم ناهي ڪيو.
واضع رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌريءَ کي به گذريل رات ساڍي يارهين وڳي سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو.