اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ثاقب نثار کي ملڪي تاريخ جو تڪراري جج قرار ڏيندي سندن فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ثاقب نثار مخالفن خلاف ڪارروايون ڪري عمران خان کي فائدو پهچايو، ثاقب نثار اڃا به عمران خان لاءِ فيصلن ۾ عمران خان لاءِ مائڪرو مئنيجمينٽ ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ثاقب نثار ۽ سندس پٽ تحريڪ انصاف جون ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن، ثاقب نثار جي فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته عدالتون اڃا به عمران خان سان لاڏلي وانگر ڊيل ڪري رهيون آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ ڀارت کي ان جي ڌرتيءَ تي للڪاري پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، عمران خان به ڀارت جيان پاڪستان کي ڏکيائين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته بي جي پي سرڪار جيان پي ٽي آءِ به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي دوري تي واويلا ڪئي، عمران خا نملڪ ۾ ڏڦيڙ، انارڪي ۽ جهيڙا چاهي ٿو.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواري کي نيب جي توشا خاني ڪيس ۾ نوٽيس کي هائيڪورٽ غيرقانوني قرار ڏئي رهي آهي، اڳ بنا نوٽيس نيب 90 ڏينهن تائين گرفتاريون ڪندي هئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جهڙتي نه ٿو ڏيڻ چاهي، ڇا نظام آهي جو هڪ لاڏلي جي تلاشي نٿي وٺي سگهجي، ناانصافيءَ جو نظام جاري رهيو ته ملڪ ۾ ڪا به شيءِ درست نه ٿيندي.