ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ بي آر ٽي منصوبو وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رٿا مڪمل ڪرڻ ۾ مستقبل جي گهرجن جو خيال رکيو وڃي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو ستون بورڊ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورنگي ڪرسچن ڪالوني ۾ 11 ايڪڙ ايراضي تي هڪ ماڙ ڊيپو جي سفارش ڪئي وئي.
بس ڊيپو ۾ هڪ ئي وقت 340 بسون بيهارڻ جي گنجائش سان گڏوگڏ شمسي بجلي فراهم ڪرڻ جي سهولت به هوندي.
اجلاس دوران ڪراچي موبيليٽي پراجيڪٽ بي آر ٽي ييلو لائن منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، ڪراچي اربن موبيليٽي پراجيڪٽ جي پوزيشن پيپر تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ بي آر ٽي ڪوريڊور ڪورنگي روڊ تيايليوٽيڊ سيڪشن جي تعمير جي سفارش به ڪئي وئي، جڏهن ته ڪرسچن ڪالوني ۾ 11 ايڪڙ ايرضي 340 بسن لاءِ ڊيپو تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.
شرجيل ميمڻ بي آر ٽي منصوبو وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رٿا مڪمل ڪرڻ ۾ مستقبل جي گهرجن جو خيال رکيو وڃي.