قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ پنهنجي گهر وري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سان عليحدگي بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
آل رائونڊر شعيب ملڪ هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ثانيا مرزا ۽ هو ٻن الڳ الڳ ملڪن سان واسطون رکن ٿا، مصروفيتن سبب اڪثر هڪ ٻئي سان گڏ نه هوندا آهن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ثانيا مرزا طرفان کيس ان فالو ڪرڻ هن لاءِ به نئين خبر آهي پر ائين بلڪل ناهي، هن کيس ان فالو نه ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا جي ڪلچر ۾ زال ۽ مڙس جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها هوندا آهن اهو زندگي جو حصو آهي.