شھدادڪوٽ ۾ پوليس ڪاررواين دوران قتل ڪيس جي ٽن مک جوابدارن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙ 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري چرس ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڊي ايس پي شھدادڪوٽ يار محمد رند پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين خاصخيلي جي حڪم تي شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقي جي پوليس 20 ڏينهن اندر مختلف ٿاڻن تي قتل ڪيس جي 3 جوابدارن ۽ منشيات چرس، گٽڪو وڪرو ڪرڻ ڪندڙن کي 14 جوابدارن سميت 17 کي گرفتار ڪيو آهي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچي پل ۾ هوا چانڊيو، عاشق چانڊيو جي ٻٽو قتل ڪيس جي مک جوابدار ذوالفقار چانڊيو، مقتول علي حسن جمالي جي قتل ڪيس جي مک جوابدار جاويد جمالي ۽ عاصمه مگسي جي قتل ڪيس جي مک جوابدار صدام مگسي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته مختلف هنڌن تان 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.