شهدادڪوٽ ويجهو گم ٿيل ٻارڙي جو گٽر مان لاش هٿ آيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ وڏا سيلرا مان گم ٿيل ٽن سالن جي نينگر انيس سيلرو جو لاش گٽر ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي جو لاش گٽر مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر گذريل رات راند کيڏڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته واپس نه موٽيو، جنهن جو لاش گٽر مان مليو آهي.
ٽن سالن جي نينگر انيس سيلرو جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.