پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 44 ورسي جي ڏهاڙِي تي جاري ڪيل پيغام ۾ فريال ٽالپر چيو ته قائد عوام اسان کي سيکاريو ته سياسي جنت عوام جي پيرن هيٺان آهي، ڇو ته طاقت جو سرچشوم صرف عوام آهي.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي عوام ڪڏهن به نٿو وساري سگهي.
پ پ اڳواڻ چيو ته متفقه آئين، پورهيتن جي حقن ۽ غريب شهرين لاءِ گهر قائدعوام جا ڪارناما آهن.
هن چيو ته لکين پاڪستانين لاءِ ملڪ اندر ۽ پرڏيهي ۾ روزگار، اسٽيل ملز، پورٽ قاسم شهيد ڀٽو جو عوام لاءِ تحفو هو.
فريال ٽالپر چيو ته شهيد ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سرگرم آهن.