ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽيءَ ۽ پ پ ش ڀ جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پنهنجي شاديءَ جون وڌيڪ تصويرون جاري ڪندي ٽوئٽ ڪيو آهي ته سندس زندگيءَ جي نئين سفر جي ڪاميابيءَ لاءِ دعا ڪئي وڃي.
فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ ۾ شاديءَ جون چار تصويرون جاري ڪيون آهن، جن مان هڪ تصوير ۾ فاطمه کي ڳاڙهو ڪنوار وارو وڏو رئو پهريل آهي، جڏهن ته سندس گهوٽ کي لونگي، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پهريل آهي.
ٻي تصوير ۾ ڀاءُ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کيس روايتي انداز ۾ رئي جي ڇانوءَ وٺي اچي رهيو آهي، ٽئين تصوير ۾ گهوٽ گراهم جبران نڪاح نامي تي صحي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
چوٿين تصوير ۾ ٻئي گهوٽ ڪنوار شهيد ذوالفقار ڀٽو جي لائبريريءَ ۾ ويٺل نظر اچي رهيا آهن.
فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته شاديءَ تي ڀاءُ ذوالفقار کيس سندن ڏاڏيءَ جو امام ضامن ٻـَـڌو ۽ نڪاح جي تقريب ڏاڏي شهيد ذوالفقار ڀٽو جي لائبريريءَ ۾ ڪوٺائي وئي، جيڪا هن ڌرتيءَ تي سندس سڀ کان وڌيڪ پياري جاءِ آهي.
هن ڄاڻايو ته سندن پويان سندس ماسي، چاچي ۽ والد جون ننڍپڻ واريون تصويرون ۽ پ پ جو اصل جهنڊو هو، جيڪو سندس ڏاڏي شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڻ لڳايو هو.
فاطمه ڀٽو وڌيڪ لکيو ته هو ٻي ڪابه تقريب نه ڪندا، هوءَ پاڻ به شاندار شادين ۾ شامل نه آهي، خاص طور تي هن وقت اِهو سڀ ڪجهه مناسب ناهي.
سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي والد کي تمام گهڻو ياد ڪيو پر هو ساڻن گڏ هو ۽ هن کيس پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو، هنن ۾ موجود هر شخص پاپا سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ جي آخر ۾ اِهو پڻ لکيو آهي ته مهرباني ڪري کين پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻيءَ سندس شاديءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندڙن جو ٿورو پڻ مڃيو.