شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت شاهدين کانپوءِ باضابطا طور اعلان ڪيو ويندو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اجلاس شام ڇهين وڳي مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار بلاڪ ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ موسمياتي کاتي جا عملدار به شريڪ ٿيندا.
زونل ڪميٽين جا اجلاس ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ٿيندا.
ڪميٽي پاران ملڪ جي مختلف حصن ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت شاهدين کانپوءِ باضابطا طور اعلان ڪيو ويندو.