پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف اعتراض جوڳا لفظ استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب شيخ رشيد خلاف ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪندي ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ جي رپورٽ
شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ به ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي ڪراچي ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب شيخ رشيد خلاف ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪندي ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي آهي، موچڪو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ايس ڊي پي او شيخ رشيد کي وٺڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.