شيخ ڀرڪيو ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مبينا طور خوف ۾ دل بيهڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو آهي.
راجو نظاماڻي ۾ زنگيجا ۽ نظاماڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران مبينا طور خوف ۾ دل بيهڻ سبب 60 ورهين جو حسن زنگيجو فوت ٿي ويو.
فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پيرسن حسن زنگيجو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته پيرسن جهيڙي دوران خوف ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.