برلن ۾ پيٽرز برگ ڪلائميٽ ڊائيلاگ ۾ وفاقي وزير شيري رحمان جي جرمني جي اقتصادي سهڪار ۽ ترقي بابت وفاقي وزير سوينجا شولز سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات جو مقصد بيچ ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن ۽ مٽيگيشن جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌائن ۽ نوان موقعا تلاش ڪرڻ هو.
ملاقات دوران پاڪستان لاءِ گرين هائيڊروجن سميت ٻين شعبن ۾ امڪاني سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير شيري رحمان جرمن وفد کي گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ بعد بحالي جي عمل بابت آگاهه ڪيو.
وفاقي وزير شيري رحمان شيري رحمان سڄي ملڪ ۾ جاري غير معمولي برساتن ۽ نقصانن تي به روشني وڌي.
شيري رحمان ڪلائميٽ انرجي جي قدمن ذريعي پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي جرمني جا ٿورا مڃيا.
انهن قدمن ۾ ڪلائميٽ رسڪ اسيسمينٽس، سب نيشنل ڪلائميٽ رسڪ پروفائلنگ، ماحولياتي تعليم جي اعليٰ تعليم ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فنانس موبلائزيشن شامل آهي.
جرمني جي وفاقي وزير سوينجا شولز، شيري رحمان کي حفاظتي ۽ سڌارن جي قدمن جي حوالي سان وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ سان گڏ پاڪستان کي ايڊاپٽيشن ۽ مٽيگيشن جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي.
وفاقي وزير شيري رحمان، برلن ۾ جاري پيٽرز برگ ڪلائميٽ ڊائيلاگ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي.