شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس ڳوٺ نيون لالي واسي امان الله بروھي جي فرياد تي امين گنڊاپور تي ٽوئٽر ذريعي ملڪي ادارن خلاف ڳالهائڻ تي ڪيس داخل ڪيو.
ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو ته علي امين گنڊا پور ملڪ جي ساک خراب ڪرڻ واريون تقريرون ڪيون جنھن سان رياست جي بدنامي ٿي.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته علي امين گنڊا پور ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ نفرتون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته علي امين گنڊا پور ٽوئٽر تي پاڪ فوج کي گٿا لفظ ڳالهائي ادارن جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.
ڪيس جي متن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ عوام ۾ ملڪي ادارن خلاف نفرت پکيڙي معيشت تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن موجب علي امين گنڊاپور کي سنڌ پوليس حوالي ڪرڻ بعد کيس شڪارپور ۾ پھچايو ويندو.