شڪارپور ۾ عورت جو گهر مان لاش هٿ آيو جڏهن ته وارثن زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
علي شاهه ڪالوني واري علائقي مان وزيران شر جو لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وزيران جي والد در محمد شر الزام هڻندي چيو ته سندس نياڻي کي مڙس غلام حسين شر زهر ڏئي ماريو آهي.
هن چيو ته وزيران جي 6 مهينا اڳ غلام حسين سان شادي ٿي هئي ساهرا نياڻي کي گهر جو خرچ گهرڻ تي جهيڙو ڪندا هئا.
مقتول عورت جي والد اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت سبب پيش آيو جڏهن ته وزيران جو مڙس گهر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.