شڪارپور ۾ ڳڙهي تيغو واري علائقي مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار زبير شاهه جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مغويءَ جي وارثن پاران زيرو پوائنٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
ڌرڻي سبب پنجاب ۽ بلوچستان ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار زبير شاهه کي ڳڙهي تيغو واري علائقي مان ڊيوٽي دوران اغوا ڪيو ويو هو.
هنن چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پٽي ڀائي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ڊيل ڪري ٻيا مغوي بازياب ڪرائي پيو جڏهن ته پنهنجي پوليس اهلڪار کي بازياب نٿو ڪرائي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار زبير شاهه کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.