شڪارپور ۾ هندو برادري پاران ٻڌي جي اظهار لاءِ پاڪ فوج جي حمايت ريلي ڪڍي وئي.
آل هندو پنچائت پاران ايڊووڪيٽ دنيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ رستم روڊ کان ريلي ڪڍي پاڪستان جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.
ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا جڏهن ته ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته اقليتي برادري پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه سائي جهنڊي جي ڇانو هيٺ رهندي.
هنن چيو ته پاڪستاني هجڻ تي کين فخر آهي، هو وطن لاءِ جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن