- Advertisement -
شھدادپور ڀرسان زهريلي مٺائي کائڻ سبب ٿر جا 60 پورهيت بيهوش ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.
ڳوٺ نبي بخش سھتو ڀرسان وونئڻن جي چونڊي تي آيل ٿر واسي پورھيتن سان واقعو پيش آيو آهي، مبينه طور زھريلي مٺائي کائڻ سبب 60 پورهيت بيھوش ٿي پيا.
بيهوش ٿيلن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا شامل آھن. جن کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنس اسپتال آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏئي پئي وڃي…- Advertisement -
