تازه ترين

شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت شاهده کي سندس مڙس احمد مگسي ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.

پوليس موجب گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺ بدل بروهي واسي عورت 32 سالن جي شاهده مگسي کي شهدادڪوٽ جي اسپتال آندو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي.

پوليس موجب وارثن عورت جي قتل واقعي کي لڪائڻ پئي چاهيو ۽ آپگهات قرار ڏئي لاش جو پوسٽ مارٽم  نه ڪرايو ويو، نه ئي حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو.

ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ معاملي جو نوٽيس ورتو.

ميروخان پوليس ڳوٺ موسيٰ مگسي پهچي عورت جي مڙس منير احمد مگسي ۽ ڏيرن هٿان قتل ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آيا.

جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون