ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ نه ملڻ تي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ لانڍي ليبر اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ جو علاج صحت کاتي سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سيڪشن آفيسر آغا الطاف حسين کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ صحت کاتي جي آفيسرن خلاف انڪوائري اسپيشل سيڪريٽري ڪندو.
ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ نه ملڻ تي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ لانڍي ليبر اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ جو علاج صحت کاتي سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صحت کاتي جي آفيسرن مٿا الزامن جي وضاحت ۽ صحت کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪشن آفيسر آغا الطاف حسين کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ صحت کاتي جي آفيسرن خلاف انڪوائري اسپيشل سيڪريٽري ڪندو.
صحت واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر جي درخواست پهتل آهي، فيصلو اچڻ کان اڳ هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي کيس ٽن مهينن جي موڪل ڏني وئي ته هن چيو ته کيس لاڙڪاڻي نه پر ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ ڏني وڃي.
ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ نه ملڻ تي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ لانڍي ليبر اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ جو خط منظرعام تي آيو هو.
جوائننگ عيوض 5 لک خرچي گهرڻ تان ڊاڪٽر آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي.
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر جي هٿ سان لکيل خط ۾ ذميوارن جا نالا لکيل آهن.
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ خط ۾ لکيو آهي ڊي ايڇ او ملير مقبول ميمڻ، سيڪشن آفيسر آغا الطاف ۽ سيڪريٽري هيلٿ جي پرسنل سيڪريٽري جوائننگ لاءِ 5 لک رشوت گھري.
هن چيو ته پنجن لکن جو ٻڌي ذھني مريض ٿي ويو آھي، ڊي ايڇ او ۽ پي پي ايڇ آءِ وارن تنگ ڪيو، مرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناھي بچيو.
هوڏانهن ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر جي پٽ شاهنواز سوڍر سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد کان پوسٽنگ لاءِ رشوت گهري وئي، سيڪريٽريٽ جا چڪر ڪاٽڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، هن مايوس ٿي اهڙو قدم کنيو.
شاهنواز سوڍڙ چيو ته ڊي ايڇ او ملير مقبول ميمڻ، سيڪشن آفيسر آغا الطاف اسپتال پهتا ۽ معافي گهري، ان معاملي تي والد طبيعت بهتر ٿيڻ بعد پاڻ ڳالهائيندو.