- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداريءَ سان سعودي بچاءَ واري وزير شهزاديَ خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم شهبازشريف، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي به شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجن لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڀائراڻو رشتو عقيدي ۽ تاريخي لاڳاپن تي ٻڌل آهي.
آصف زرداريءَ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار واڌئڻ تي زور ڀريو.
سعودي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ توڙي دفاعي سهڪار آهي، سعودي عرب علائقائي خوشحال تي يقين رکي ٿو.
ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف سان سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به موجود هئا.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت علائقائي امن ۽ سلامتي توڙي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي قدر جي نظر جي نظر سان ڏسي ٿو، سعوديءَ هر محاذ تي پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو.
شهبازشريف، پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ نشان پاڪستان ملڻ تي سعودي بچاءَ واري وزير کي واڌايون ڏنيون.
سعودي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته يومِ پاڪستان جي پريڊ ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏيڻ تي هو پاڪستان جا ٿورا مڃي ٿو، پريڊ ۾ پاڪ وفج جي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڏسڻ لاءِ مليو.
سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي تازي سعودي عرب جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن کي هٿي ملندي.
سعودي بچاءَ واري وزير شهزاديَ خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب شهزاديَ خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود نور خان ايئر بيس تي پهتو جتي بچاءَ واري وزير خواجه آصف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سندس آجيان ڪئي.
شهزادي خالد بن عبدالعزيز آل سعود شاندار جوائنٽ سروسز پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو.
سعودي بچاءَ واري وزير، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات پڻ ڪئي، جنهن دوران دفاعي سهڪار سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.- Advertisement -
