تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به عوام جو ساٿ نه ڇڏيو: شازيه عطا مري

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به عوام جو ساٿ نه ڇڏيو آهي.

سانگهڙ ۾ برسات متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيه عطا مري متاثرن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو ته  پيپلزپارٽي بندوق واري دور کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته هو بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن کي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻايو آهي، هو عوام جو درد سمجهي ٿو، جيڪڏهن هو وزيراعظم بڻجي ويو ته برسات متاثرن جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهندو.

وفاقي وزير شازيا عطاءَ مري جو چوڻ هو ته 2008ع ۾ جڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ته مخالفن کلڻ شروع ڪيا پر صدر آصف علي زرداري پنهنجو ڪم جاري رکيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ناڪام ٿي وئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون