ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۾ به ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۾ به ٽيليفون تي رابطو ٿيو.
ٻنهي اڳواڻن طرفان اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطيني شهرين تي بمباري بند ڪري.
ان کان اڳ ايراني صدر ابراهيم رئيسيءَ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان پهريون ٽيليفونڪ راهطو ڪندي فلسطيني جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايراني ميڊيا موجب، چين طرفان تهران ۽ رياض وچ ۾امن سمجهوتي کانپوءِ ايراني صدر ۽ سعودي ولي عهد وچ ۾ پهريون ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان فلسطينين خلاف جنگ ڏوهن جي خاتمي جي معاملي تي اتفاق ڪيو ويو.
ٻئي پاسي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ترڪ صدر طيب اردوان به جو به ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته سعودي عرب ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪاري رهيو آهي.