وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته صدر عارف علوي پارليامينٽ جي هر بل کي پي ٽي آءِ جي نظر سان ڏسندو آهي، صدر عدالتي سڌارن بابت بل نظرثاني لاءِ واپس ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ملڪ جو صدر نه پر اڃا به پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي.
صدر پاران عدالتي سڌارن بابت بل نظرثاني لاءِ واپس اماڻڻ تي ردعمل ڏيندي شيري رحمان چيو ته صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل نظرثاني لاءِ واپس اماڻي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ملڪ جو صدر نه پر اڃا به پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي.
سندس چوڻ هو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي هر فيصلي کي تحريڪ انصاف جي نظر سان ڏٺو آهي.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته بل ملڻ کان اڳ ئي هڪ انٽرويو ۾ صدر عارف علوي پنهنجو موقف ڏئي چڪو هو.
سندس چوڻ هو ته صدر پنهنجي آئيني عهدي بدران پارٽي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته صدر چئي رهيو آهي ته بل پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي؟، ساڍا 3 سال هو صدر هائوس کي آرڊيننس فيڪٽري جيان هلائيندو رهيو.