مملڪتي وزير ۽ پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ کي آئين جو سبق پڙهائڻ کان پاسو ڪري، قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي صدر ان جا اختيار چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عمران خان دور ۾ صدر بنا پڙهڻ جي آرڊيننس تي آڱوٺا هڻندو رهيو آهي، عارف علويءَ ثابت ڪيو ته هو ٽائيگر فورس جو نائب ڪپتان آهي.
هن چيو ته ڊاڪٽر عارف علويءَ بي اعتمادي واري رٿ هوندي اسيمبلي ٽوڙي آئين کان منهن موڙيو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ کي آئين جو سبق پڙهائڻ کان پاسو ڪري، قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي صدر ان جا اختيار چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.