سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجا سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، فول پروف حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ۽ يقين آهي ته جديد طريقن سان هو ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿنيدا
نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سربراهه ميجر جنرل رضا عزيز جي صدارت هيٺ اين ڊي يو جي 25هين سيڪيورٽي ورڪشاپ ٿيو، جنهن ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صوبائي اسيمبلين جي اڳوڻن ميمبرن، سينيٽرن، سينيئر سول ۽ فوجي آفيسر، تعليمي ماهر ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ورڪشاپ کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ وڏو چئلينج موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خاص ڪري نوجوانن کي روشن مستقبل فراهم ڪرڻ هوندو آهي.
هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت ڪراچي ۾ مختلف بي آر ٽي لائينون شروع ڪيون آهن ۽ گرين لائين آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ ييلو ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڪم جاري آهي.
جسٽس رٽائرڊ باقر چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ بهتري جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي عورتون گهر کان پري علائقن ۾ ڪم ڪرڻ کان ڊڄنديون هيون اڄ اهي نوڪرين تي وڃڻ کان نٿيون ڪيٻائين.
نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تازو ئي 2022ع جي تباهي واري ٻوڏ سبب 23 ضلعن جي آبادي کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ سان گڏوگڏ روڊن، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بنيادي انفراسٽرڪچر جي بحالي کي پڻ يقيني بڻايو آهي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ لاءِ 20 کان وڌيڪ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ 8921 ايڪڙ ايراضي تي ايجوڪيشن سٽي قائم ڪيو آهي.
وڏي وزير چيو ته ليبر کاتي ۾ رجسٽريشن فيس معاف ڪري ڇڏي آهي.
ان کان اڳ وڏي وزير، گهرو وزير، تعليم واري وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا