صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ سي اي او واٽر بورڊ جي هدايت تي ڪراچي ۾ پاڻي چورن خلاف رات کان وٺي آپريشن جاري آهي.
اينٽي ٿيفٽ سيل انچارج تابش رضا جي سربراهي ۾ ٽن ڏينهن کان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ آپريشن هلندڙ آهي.
اينٽي ٿيفٽ سيل انچارج جو چوڻ آهي ته ملير الفلاح ۾ غير قانوني هائيڊريننس خلاف ڪارروائي ڪندي 2 هائيڊرنٽس کي ڊاٿو ويو آهي.
هن چيو ته 36 انچ قطر جي بلڪ جي لائن مان وڏي مقدار ۾ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، پاڻي چور هڪ وڏي پول ۾ پاڻي جمع ڪري وڪرو ڪندا هئا.
سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، شهرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.