- Advertisement -
پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پاڻي جو معاملو انتهائي سنگين آھي، صوبن جي مرضي کانسواءِ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت ڪوبه فيصلو آئيني ۽ قانوني طور نٿو ڪري سگهجي.
ٺٽي جي شيرازي هائوس تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاھ شيرازي جي چوٿين ورسي جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو جو چوڻ هو ته ضرورت پئي ته ارسا ايڪٽ جي ترميم جيان تڪراري ڪئنالن خلاف به سنڌ اسيمبلي جي فلور تي رٿ آڻي منظور ڪرائي ويندي، پيپلزپارٽي جو واضع موقف آھي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور آهي.
نثار کهڙو چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي اڃا تائين سي سي آئي جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو پر سي سي آئي هجي يا ايڪنڪ هجي يا ٻيو ڪو فورم، پيپلزپارٽي سنڌو درياهه تي ڪئنالن واري تڪراري منصوبي کي هر فورم تي سختي سان رد ڪندي.
هن چيو ته جي يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون هلندڙ آھن، مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي ڪجھه معاملا ضرور آھن، پر ان کي به حل ڪيو ويندو.
نثار کهڙو چيو ته سڀني جي اها خواهش آھي ته ملڪ اندر هڪجهڙي تعليمي پاليسي هجي ۽ مدرسن جي رجسٽريشن به گڏيل مشاورت سان حڪومتي سسٽم ذريعي ڪئي وڃي
نثار احمد کهڙي چيو ته پي ٽي آئي بغاوتن واري ۽ سول نافرماني جھڙيون تحريڪون هلائڻ جا اعلان ڪرڻ واري غير سياسي ۽ نابالغ جماعت آھي، ان جي سياست تي ڳالهائڻ فضول آھي.- Advertisement -
