مسلم ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضمانت پارڪ ۾ صرف هڪ عورت آهي ته پوليس تي اندران گوليون ۽ پيٽرول بم ڪير وسائي رهيو آهي.
اگر ضمانت پارک میں صرف ایک خاتون موجود ہے تو پولیس پر اندر سے گولیاں اور پیٹرول بمب کون برسا رہا ہے؟ جھوٹ بولنے سے پہلے سوچتے نہیں؟
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) March 18, 2023
ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته هي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان پهرين سوچيندا به ناهن؟.
مريم نواز پاران سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عمران خان جي رهائش گاهه جي اندر مان هڪ پيٽرول بم اهلڪارن جي طرف اڇلايو وڃي پيو.
کہا تھا نا کہ یہ ایک دہشت گرد جماعت ہے جس کے سرغنہ نے قانون اور سزا سے بچنے کے لیے شرپسند اور تربیت یافتہ دہشت گرد اپنے گھر میں رکھے ہوئے ہیں۔ یہ مناظر آج سے پہلے صرف دہشت گردی کے حوالے سے دیکھنے کو ملے۔ شرمناک! pic.twitter.com/S2uKSS4bEf
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) March 18, 2023
مريم نواز پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته چيو هو نه ته هي هڪ دهشتگرد پارٽي آهي جنهن جي اڳواڻ شرپسند ۽ تربيت يافتا دهشتگرد پنهنجي گهر ۾ رکيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي چوڻ يا عمران خان کي سياسي ليڊر چوڻ سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد جي تذليل هوندي.