ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر احمد شريف چيو آهي ته طاقت جو اصل مرڪز عوام آهي، سموريون سياسي پارٽيون احترام لائق آهن، فوج ڪنهن پارٽي يا نظريي جي حامي ناهي، فوج، قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي ته فوج کي سياست ۾ وڌو وڃي، پاڪ فوج سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي زميني حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ ڏئي چڪي آهي، چونڊن بابت سڪيورٽي جو فيصلو حڪومت ڪري ٿي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال هيل تائين ڀارت 56 ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، پاڪستان ڀارت جا 6 ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي تباهه ڪيا.
هن چيو ته پاڪستان سدائين گڏيل قومن جي مبصر مشن کي ڀليڪار ڪيو، ڀارت طرفان هوائي حدن جون ٽي ڀڃڪڙيون ٿيون، مبصر مشن کي سورهن دورا ڪرايا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي ڀڀڪين کان هو نه ٿا ڊڄن، ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي زميني حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ ڏئي چڪي آهي، چونڊن بابت سڪيورٽي جو فيصلو حڪومت ڪري ٿي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف واضح ڪيو ته طاقت جو اصل مرڪز عوامي آهي، سموريون سياسي پارٽيون احترام جوڳيون آهن، پر فوج ڪنهن به سياسي پارٽي يا نظريي جي حامي ناهي.
ميجر جنرل احمد شريف چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر اتفاق راءِ پيدا ڪن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هٿياربند فوج خلاف مهم هلائيندڙ ڪجهه ماڻهو سياسي آهي، تعميري تنقيد کي اهميت ڏني ويندي آهي پر فوج تي دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهجي، فوج طرفان ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا مذهبي ٽولي خلاف ڪارروائي جو نتيجو ڏڦيڙ ئي نڪرندو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج، قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي ته فوج کي سياست ۾ وڌو وڃي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ بعد افغانستان ۾ ٿيل تبديلين بعد دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون تڏهوڪي حڪومت جو فيصلو هو، فوج جي دهشتگردن خلاف فوجي سوچ آهي، دهشگردن جو اسلام ۽ پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي.