پاڪستاني اداڪارا عائشھ عمر ٻن ھفتن لاءِ سوشل ميڊيا کان پري رھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اداڪار ۽ شوبز شخصيتون اڪثر ذھني سڪون لاءِ سوشل ميڊيا کان پري رھندا آھن، ڪجھھ ڏينھن اڳ اداڪارا انوشي اشرف رمضان المبارڪ کان اڳ روحاني پاڪيزگي جي لاءِ سوشل ميڊيا کان پري ٿي وئي ھئي جڏھن تھ اشنا شاھھ بھ شادي بعد سوشل ميڊيا استعمال نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو.
امريڪي گلوڪارا ۽ اداڪارا سلينا گومز انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارا آھي پر ھن پاڻ سوشل ميڊيا کان پاڻ پري ڪري ڇڏيو آھي.
اداڪارا عائشھ عمر انسٽاگرام تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ لکيو تھ اڄ کان ھوءَ ٻن ھفتن جي لاءِ سڀني کان رابطا ختم ڪري رھي آھي ۽ ان عرصي دوران موبائل فون، انٽرنيٽ، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا سميت ڪنھن بھ ٽيڪنالوجي جو استعمال نھ ڪندي.
اداڪارا عائشھ عمر پنھنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو تھ ھوءَ ذھني ۽ جسماني سڪون لاءِ ٻن ھفتن کان اھو منصوبو ٺاھي رھي ھئي ۽ ان منصوبي تي آخر عمل جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي.
عائشھ عمر موجب ان عرصي دوران ھوءَ ڪنھن سان بھ رابطو نھ ڪندي، گھٽ کائيندي، مطالعو ڪندي ۽ پنھنجي خالق سان تعلق مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
اداڪارا ۽ ماڊل ڪم جي حوالي سان رابطي جي خواھشمندن لاءِ ٻھ آءِ ڊيز ٻڌايون آھن جڏھن تھ ھوءَ ذاتي رابطن جي لاءِ چيو آھي تھ سندس والدھ سان رابطو ڪيو وڃي.
عائشھ عمر پر اميد آھي تھ ايندڙ ٻن ھفتن جي دوران ھوءَ نئين عادت اپنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي .