هڪ دفاعي ٿنڪ ٽينڪ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عالمي فوجي ۽ دفاعي خرچن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ روس جي يوڪرين تي حملي بعد ان جو ڪاٿو 22کرب 40ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي.
اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلسل اٺين عالمي دفاعي خرچن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ اهي خرچ وڌي تقريبن ساڍا 22کرب ڊالر تائين پهچي ويا آهن.
رپورٽ موجب 2022ع ۾ يورپي دفاعي خرچن ۾ 31 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اها 30 سالن ۾ دفاعي خرچن ۾ واڌ جي سڀ کان وڌيڪ تيز شرح آهي.
ايس آءِ پي آر آءِ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان کان وڌيڪ روس جو يوڪرين تي حملو آهي پر امڪاني روسي جارحيت جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ٻين ملڪن به پنهنجي دفاعي خرچن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ٿنڪ ٽينڪ موجب 2022ع يوڪرين جا دفاعي خرچ ڇهوڻ تي وڌائي 44ارب ڊالر ٿي ويا آهن، اهڙي طرح روس جي دفاعي خرچن ۾ گذريل سال 9ڏهائي 2 سيڪڙو مان وڌائي ڪري 86.4 ارب ڊالر ڪيا ويا آهن، 2022ع ۾ دفاعي خرچن جي لحاظ کان امريڪا پهرين نمبر تي آهي جنهن ان مد ۾ 877 ارب ڊالر خرچ ڪيا.
ٿنڪ ٽينڪ موجب، امريڪي دفاعي خرچن ۾ اضافو يوڪرين کي ڏنل فوجي امداد سب ٿيو آهي، امريڪا يوڪرين کي 19 ارب 90 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد فراهم ڪئي.
امريڪا کانپوءِ چين فوجي خرچن جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي رهيو، چين 2021ع جي ڀيٽ ۾ 4.2 سيڪڙو اضافي سان گذريل سال 292 ارب ڊالر دفاعي خرچن جي مد ۾ خرچ ڪيا.