- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کي ايندڙ قسط ملڻ جي منظوري جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب 29 اپريل تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٻئي معاشي جائزي ۽ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ پروگرام تحت قرض جي آخري قسط ملندي، قسط ملڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان اسٽينڊنگ ارينجمينٽ پروگرام مڪمل ٿي ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن قسط کانپوءِ 6 کان 8 ارب ڊالرن جي ايندڙ پروگرام لاءِ مئي ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي……….- Advertisement -
