عامر خان پاران سلمان خان کي فلم جي آڇ
ممبئي: (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪٽ عامر خان هڪ فلم ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو سلمان خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ انڊسٽري جا ٻه وڏا خان هڪ فلم تي گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهن، هي نئون پروجيڪٽ عامر خان پروڊيوس ڪندو جڏهن ته سلمان خان جو فلم ۾ مرڪزي ڪردار هوندو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عامر خان ان حوالي سان نه رڳو سلمان سان رابطو ڪيو آهي پر کيس فلم جي آڇ به ڪئي آهي، جڏهن ته فلم جي اسڪرپٽ تي گذريل 6 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي .
اسڪرپٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عامر خان طرفان سلمان خان کي مرڪزي ڪردار لاءِ بهترين قرار ڏيندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي .
بالي ووڊ ذريعن موجب اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن سلمان خان کي عامر خان طرفان فلم جي آڇ ڪئي وئي آهي ڇو ته سندس خيال آهي ته سلمان خان کان وڌيڪ هن فلم سان ڪو به انصاف نٿو ڪري سگهي.