عام چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا آهن، اليڪشن ڪميشن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي ٻن صفحن تي ٻڌل اڳڀرائي رپورٽ ۾ فنڊز نه ملڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي چونڊ لاءِ فنڊز ناهن مليا، فنڊز نه ملڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي هئي جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن بابت فنڊز ملڻ يا نه ملڻ جي حوالي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 27 اپريل تائين فنڊز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ميمبرن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ڏيڻ جي تحريڪ ٻيهر رد ڪري ڇڏي.