تازه ترين

عام چونڊن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف ملڻ گهرجي، صدر عارف علوي پاڻ آئين ٽوڙيندڙ آهي: ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف

ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف ملڻ گهرجي، صدر عارف علوي پاڻ آئين ٽوڙيندڙ آهي، کيس پي ٽي وي تي حملي بعد به خط لکڻ گهرجي ها.

ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڪو ڏوهي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، 9 مئي تي جيڪو ٿيو، ان کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، 2018ع ۾ آر ٽي ايس بند ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي آندو ويو، سندس دور ۾ ملڪي معيشت تباهه ٿي، قاسم سوري ۽ عارف علويءَ غيرآئيني ڪم ڪيا.

جاويد لطيف چيو ته صدر عارف علوي پاڻ آئين ٽوڙيندڙ آهي، کيس پي ٽي وي تي حملي بعد به خط لکڻ گهرجي ها.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ليول پلئينگ فيلڊ جي ڳالهه ٿي رهي  آهي، صدر به ڀاشن پيو ڏي، ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نوازشريف جي التوا هيٺ ڪيس جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، اليڪشن کان اڳ نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف ملڻ گهرجي.

جاويد لطيف چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته نوازشريف قومي حڪومت ٺاهي رهيو آهي، ووٽ کي عزت ڏيو جو  هرگز اهو مطلب ناهي ته ووٽ کانسواءِ بازي ڏين وڃي.

ن ليگ اڳوڻ چيو ته اقتدار جو فيصلو عوام ڪندو آهي، جيالو هجي يا ٻيو عوام ئي کي وزيراعظم جي چونڊ ڪندو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ به مدد ٿي رهي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون