عثمان شاهه هڙي ويجهو مشائخ ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ جوابدر فرار ٿي ويو آهي.
ميرپور روڊ تي پوليس چيڪنگ دوران هڪ جوبدار مظهر مري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان وڏي مقدار ۾ گڻڪو هٿ ڪري ورتو.
پوليس گرفتار ڪيل جوابدار مظهر مري ۽ فرار ٿي ويل جوابدار جميل بروهي خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدر مظهر مري ۽ سندس ساٿي جميل بروهي سانگهڙ ۽ مٽياري ضلعن ۾ منشيات وڪرو ڪندا آهن.