عدالتن مان انصاف جي اميد آهي جنهنڪري 7 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون:ام رباب چانڊيو

spot_img
دادو جي عدالت ميهڙ واقعي ڪيس ۾ پوليس جي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ام رباب چانڊيو، فريادي پرويز چانڊيو ۽ وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ۽ ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ذوالفقار، علي گوهر، مرتضيٰ ۽ سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت پوليس جي جاچ آفيسر اعجاز ڀٽي جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. فريادي ڌر پاران ڪيس جي جاچ آفيسر اعجاز ڀٽي کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيو هو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي جنهنڪري 7 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهن. سندس چوڻ هو ته جوابدار ڌر سوين ماڻهو وٺي عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، عدليه کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ام رباب چانڊيو چيو ته زندگي کي خطرو آهي ان باوجود هو عدالت ۾ انصاف جي اميد رکي اچن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون