ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عدالتي حڪم پنهنجي جاءِ تي پر هو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري فنڊ جاري نٿا ڪري سگهن، اسٽيٽ بينڪ اليڪشن فنڊ جاري نٿي ڪري سگهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته عدالت حڪم ڏئي ۽ هو پيسا جاري ڪن، حڪومت معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪليو آهي، آئين کي ٻيهر نه لکيو وڃي ته چونڊون وقت تي ٿين ها، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڌار ڌار اليڪشن سان 14 ارب رپيا اضافي خرچ ٿيندو، سيڪشن 69 چوي ٿو ته پاڪستان ۾ هڪ ئي ڀيرو اليڪشن ٿيندي، تماشو ڪري قوم جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ سان ڪهڙي آفت اچي ويندي؟
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسيمبليون ٽوڙي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ اليڪشن فنڊ جاري نٿي ڪري سگهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته عدالت حڪم ڏئي ۽ هو پيسا جاري ڪن، عدالتي حڪم پنهنجي جاءِ تي پر هو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري فنڊ جاري نٿا ڪري سگهن.
اسحاق ڊار چيو ته ڌار ڌار چونڊون ٿيڻ سان 14 ارب رپيا اضافي خرچ ٿيندو، ٻن اسيمبلين جي ٽٽڻ سبب خرابيون پيدا ٿيون، آرٽيڪل 63 کي ٻيهر نه لکيو وڃي ها ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ٿين ها، اسيمبليون ٽوڙي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙن جي سازش ڪئي وئي.
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايوان ٽي ڀيرا فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، جيڪڏهن پيسا ملي به وڃن ته ڇا 90 اندر واري مدي ۾ چونڊون ٿي وينديون؟ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد اليڪشن ملتوي ٿي هئي، آدمشماريءَ تي 35 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.
اسحاق ڊار چيو ته سيڪشن 69 چوي ٿو ته پاڪستان ۾ هڪ ئي ڀيرو اليڪشن ٿيندي، تماشو ڪري قوم جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ سان ڪهڙي آفت اچي ويندي؟
ناڻي واري وزير چيو ته 5 سال اڳ سندس ڳالهه مڃي وڃي ها ته ملڪ جون هي حالتون نه هجن ها، ملڪ کي تباهه ڪندڙن کي وائکو ڪرڻو پوندو.