سپريم ڪورٽ، عدالتي سڌارن بابت قانون خلاف داخل درخواستن واري ڪيس ۾ حڪومت فل ڪورٽ بڻائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت طرفان ڪيس ۾ فل ڪورٽ بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي، هو فل ڪورٽ بابت جڊيشل آرڊر نٿا ڏيڻ چاهن.
چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ عدالتي سڌارن بابت بل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
وفاقي حڪومت ڪيس فل ڪورٽ آڏو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڏني، جنهن ۾ وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي سمورين ڌرين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل منصور عثمان فل ڪورٽ بڻائڻ جي درخواست ڪئي.
ن ليگ جي وڪيل صلاح الدين احمد چيو ته هنن به درخواست ۾فل ڪورٽ جي درخواست ڪئي آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اوهان جي درخواست کي نمبر الاٽ ناهي ٿيو.
چيف جسٽس، اٽارني جنرل کان سوال چيو ته اوهان دستاويز جمع ڪرايا؟، اٽارني جنرل چيو ته اميد ته سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ ملي ويندو.
فل ڪورٽ لاءِ دليل ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جا رولز فل ڪورٽ جوڙيا هئا، عدالتي سڌارن بابت ترميم به فل ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته عداليا جي آزادي ۽ رولز بابت ڪيس به فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي، قانون سڌيءَ ريت انهن ججن تي به لاڳو ٿيندو، جيڪي ڪيس نه پيا ٻڌن.
جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي قانونسازي جا اختيار آهن يا نه، ترميم جو سوال ناهي.
جسٽس مظاهر نقوي سوال ڪيو ته ڇا ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جهڙي قانونسازي ٿي آهي؟
اٽارني جنرل چيو ته 1973ع تائين رولز بڻائڻ لاءِ صدر جي اجازت گهربل هئي.
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته آرٽيڪل 191 جي هوندي اهڙي قانونسازي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، ان ڪري فل ڪورٽ ٻڌي.
جسٽس عائشا ملڪ چيو ته هو هر وقت معمول موجب پنهنجي نوعيت جا ڪيس ٻڌندا رهندا آهن.
اٽارني جنرل چيو ته ماضي ۾ ڪڏهن به اهڙو ڪيس ناهي آيو، ان ڪري فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪا به بئنچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، ڇا حڪومت ان ڪيس ۾ فل ڪورٽ جو فائدو وٺڻ چاهي ٿي؟
هن چيو ته ڇا حڪومت چاهي ٿي ته عدالت جو اندروني بحث ٻاهر اچي؟ هر ڪيس اهم هوندو آهي، اهو تعين ڪئين ٿيندو ته ڪهڙو ڪيس فل ڪورٽ ٻڌي؟
اٽارني جنرل چيو ته افتخار چوڌري ڪيس سميت ڪيترائي ڪيس فل ڪورٽ ٻڌا.
چيف جسٽس چيو ته 1996ع کان عدليا جي آزاديءَ جا ڪيس ٻڌا پيا وڃن، ظاهري طور هي حڪومت جو ڪيس نه ٿو لڳي ته فل ڪورٽ ٺهي.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اوهان ڇا چوڻ چاهيو پيا ته عوام جو اعتماد فل ڪورٽ تي آهي؟ عدالت درخواست ڏيندڙ جي خواهش تي پنهنجي ڪارروائي ڪيئن هلائي؟
اٽارني جنرل چيو ته اهو درست آهي ته عدليا جي آزاديءَ جا سمورا ڪيس فل ڪورٽ نه ٻڌا.
جسٽس منيب اختر چيو ته رولز بڻائڻ جو اختيار فل ڪورٽ کي انتظامي معاملن ۾ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٽه رڪني بئنچ آڏو رولز جي تشريح جو ڪيس اچي ته ڇا اهو به فل ڪورٽ ئي ٻڌڻ گهرجي؟
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اوهان جي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهيته فل ڪورٽ جو فيصلو سٺو ۽ ٽه رڪني بئنچ جو خراب هوندو.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اوهان جو مطلب اهو آهي ته رولز فل ڪورٽ ٺاهيا آهن ته تشريح به اها ئي ڪري.
جسٽس منيب چيو ته فل ڪورٽ جو جواب پارليامينٽ طرفان ٺاهيل قانون ۾ ڏنو آهي، بل جي سيڪشن 4 موجب ڪميٽي جي ٺاهيل 5 رڪني بئنچ آئين جي تشريح جو ڪيس ٻڌندي.
هن چيو ته جڏهن پارليامينٽ پنهنجي ايڪٽ ۾ 5 رڪني بئنچ چئي رهي آهي ته ڇا پارليامينٽ غلط قانون ٺاهيو آهي؟
جسٽس منيب چيو ته جيڪڏهن اسٽي آرڊر نه ٿئي ها ته فل ڪورٽ جي درخواست ڪٿي هجي ها؟
هن چيو ته پارليامينٽ چوي ٿي ته 5 رڪني بئنچ هجي، اٽارني جنرل چوي ٿو ته فل ڪورٽ هجي، لڳي حڪومت جي ڳڻپ ڪمزور آهي.
اٽارني جنرل چيو ته فل ڪورٽ جي درخواست ڪيس جي حساب سان ڪري سگهجي ٿي، قانون ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 جج لکيل آهي.
جسٽس منيب چيو ته پارليامينٽ پنجن ججن مان مطمئن آهي ته اٽارني جنرل يا ڪابينا ڇو ناهي؟
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن خلاف درخواستون عدالت معمول موجب ٻڌندي آهي.
هن چيو ته هاءِ ڪورٽن به قانونن خلاف درخواستون ٻڌي ٿي، ڇا هائيڪورٽ ۾ فل ڪورٽ جي درخواست ڪئي وئي؟
جسٽس مظاهر علي نقوي چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس ناهي، 2012ع ۾ اهڙو ڪيس ٻڌو ويو.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي به سوال آهي؟ ڇا اهڙي درخواست انتظامي سطح تي ڏئي سگهجي ٿي؟ اٽارني جنرل چيو ته جج چيف جسٽس کي فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ڪري سگهن ٿا.
چيف جسٽس چيو ته وفاق جي درخواست سٺن لفظن ۾ نه پر سمجهي ويا آهيون.
اٽارني جنرل چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڦاهيءَ واري ڪيس ۾ بئنچ تي اعتراض ڪيو هو، اهو ڪيس به 9 رڪني فل ڪورٽ ٻڌو.
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته اوهان جنهن ڪيس جو حوالو ڏئي رهيا آهيو، ان ۾ سبب به ڏنا ويا هئا، اٽارني جنرل چيو ته تڏهوڪي چيف جسٽس انور الحق اعتراض رد ڪيا ويا، بئنچ ۾ چيف جسٽس پاڻ به شامل هو.
اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلو مستقبل لاءِ هوندو آهي، ويهن ورهين کانپوءِ شايد زميني حقيقتون ۽ آئين مختلف هجي.
ن ليگ جي وڪيل چيو ته اسٽي آرڊر ذريعي قانون تي عمل روڪيو ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ به فل ڪورٽ جوڙي وئي.
جسٽس اعجاز چيو ته جسٽس فائز جو معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪليو ويو هو، چيف جسٽس پاڻ اهو ڪيس نه پيو ٻڌي.
ن ليگ جي وڪيل چيو ته ست رڪني بئنچ فل ڪورٽ جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.
چيف جسٽس چيو ته افتخار چوڌري ۽ جسٽس فائز ڪيس صدارتي ريفرنس تي هو، ججن تي الزام لڳي ته ٽرائل سپريم ڪورٽ جو ٿيندو آهي.
ن ليگ جي وڪيل چيو ته آءِ جيلز ڪيس ۾ به فل ڪورٽ جوڙي وئي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.