پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عدالت کي پارليامينٽ جي ٺهراءَ جي توهين نه ڪرڻ گهرجي، ڳڻتي ۽ صدمي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج مڪمل طور ورهائجي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن کي عدالت ۾ ڪمزوري نه ڏيکارڻ گهرجي.
ڊي آءِ خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو هن وقت عمران خان سان ڳالهين جي فلسفي ۽ دليلن کي هو نٿا مڃن جنهن ملڪ کي ڏيوالو ڪيو ان سان ڳالهيون ڇو ڪريون؟.
سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين تي قائم آهي، هو ڇو جهڪن ۽ ڪنهن جي آڏو جهڪن؟، جنهن کي سياست کان ٻاهر هئڻ گهرجي سپريم ڪورٽ ان کي سياست جو محور بڻائي رهي آهي.
پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حيرت آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون آئين جي گهرج آهن پر عمران کي راضي ڪريو ته پوءِ ڪابه ڳالهه ناهي.
هن چيو ته عدالت کي به پارليامينٽ جي ٺهراءَ جي توهين نه ڪرڻ گهرجي، ڳڻتي ۽ صدمي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج مڪمل طور ورهائجي ويا آهن.
پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي عدالت ۾ ڪمزوري نه ڏيکارڻ گهرجي.