اسلام آباد ۾ توشاخانا ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ڀڃ ڊاهه جو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڪارڪنن پاران ڀڃ ڊاهه جو ڪيس عمران خان ، علي امين گنڊاپور، مراد سعيد، عامر ڪياني، اسد قيصر، شبلي فراز، اسد عمر، عمر ايوب، علي اعواڻ ۽ حسن نيازي سميت 17 اڳواڻن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ٻيا قلم لڳايا ويا آهن.
ايف آءِ آر جي متن موجب پسٽل، 20 هزار رپيا روڪ رقم، 8 پوليس اهلڪارن جون اينٽي رائٽ کٽون چوري ڪيون ويون.