Sindh TV News
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
Sindh TV News
W3Schools
No Result
View All Result
Home پاڪستان

عدالت 14 مئي وارو فيصلو واپس نه وٺندي، سياسي پارٽيون اڄ ئي ڳالهيون ڪن: چيف جسٽس

Sindh tv by Sindh tv
اپريل 20, 2023
in پاڪستان
253 3
A A
0
498
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالت 14 مئي وارو فيصلو واپس نه وٺندي، سياسي پارٽيون اڄ ئي ڳالهيون ڪن.

پنجاب ۾ چونڊن ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي.

RelatedPosts

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو واڌ

عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي : عرفان قادر

ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ سردار ڪاشف جي وڪيل شاهه خاور چيو ته اميد ته سموريون سياسي پارٽيون هڪ نقطي تي متفق ٿينديون، هڪ ئي ڏينهن چونڊن سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا.

چيف جسٽس چيو ته هو عدالت ذريعي حڪم جاري ڪن ته مونجهارا ٿين ٿا، سياسي پارٽيون گڏ ويهي معاملا طئه ڪنديون آهن ته برڪت ٿيندي آهي.

هن چيو ته سياسي اڳواڻن جي اچڻ تي ٿورائتا آهيون، پهرين درجي جي قيادت جو اچڻ عدالت لاءِ اعزاز آهي.

چيف جسٽس چيو ته قوم پريشاني ۾ آهي، قيادت مسئلو حل ڪري ته سڪون ٿي ويندو، اٽارني جنرل کي هڪ ئي وقت چونڊن واري معاملي تي بريفنگ ڏيڻي هئي پر هو سياست جي ور چڙهي ويو.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته آصف زرداري جا ٿورائتا  آهيون، جنهن تجويز سان اتفاق ڪيو، وڏي ڳالهه اها آهي ته ن ليگ به تجويز سان اتفاق ڪيو.

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حڪومتي پارٽين جو اڳ به اهو ئي موقف هو ته چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، 90 ڏينهن جو وقت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ختم ٿي چڪو آهي، حڪومتي پارتيون هڪ ئي ڏينهن معاملي تي صلاح مشورا ڪري رهيو آهن.

هن چيو ته عيد الفطر کانپوءِ اتحادين سميت پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون وينديون، ه ڪئي ڏينهن چونڊن سان پرامن ۽ صاف شفاف چونڊون ممڪن  ٿينديون، پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻڌتر واري صورتحال جو خاتمو ٿئي.

ن ليگ جي خواجه سعد رفيق چيو ته ڏکيو ماحول آهي، پر هي عوام جي تقدير جو مسئلو آهي، هو مقابلي بدران ڳالهين تي يقين رکن ٿا، سندن پارٽين هڪ ڏينهن تي چونڊون ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته هو عدالت کي بحث جو مرڪز نه ٿا بڻائڻ چاهن، گڏجي ويهندا ته سوال جواب ڪندا، آئيني مدي کان هڪ ڏينهن به وقت هو اقتدار ۾ رهڻ جا خواهشمند ناهن.

چيف جسٽس چيو ته جهيڙو ڏيکارڻ ۾ سوشل ميڊيا جو به هٿ آهي.

پ پ جي قمر زمان ڪائرا چيو ته پيپلزپارٽيءَ سڀ کان اڳ اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري جي شروعات ڪئي، يقين آهي ته سياسي قوتون گڏ ويهي وڇوٽيون ختم ڪنديون.

هن چيو ته سخت ڳالهيون عدالت ۾ ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ جي فورم تي سياسي تقريون ڪيون ويون، آئين خلاف ڪو به ڪم ڪرڻ نه ڏنو  ويندو.

ق ليگ جي طارق بشير چيما چيو ته کيس چوڌري شجاعت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، هو ته پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهن ته هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين.

ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته هنن سدائين سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، عدالت سان گڏ بيٺل آهن ۽ سڀ گڏجي جيڪو فيصلو ڪندا اهو قبول هوندو.

بلوچستان عوامي پارٽي جي اسرار الله ترين چيو ته سياسي ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي، هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿيڻ سان سڪيورٽي سميت سمورا مسئلا حل ٿيندا، هڪ وقت چونڊون نه ٿيون ته بلوچستان ننڍي صوبي طور متاثر ٿيندو.

پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ سياسي راٰءَ ۽ هڪ قانوني راٰءِ آهي، آئين ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون لازمي آهي، پي ٽي آءِ رڳو چونڊون چاهي ٿي، هو اليڪشن لاءِ تيار آهن.

هن چيو ته قانوني رستو ته واضح آهي هاڻي سياسي رستو ڏسڻو آهي، تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ تيار آهي، حڪومت کين پرپوزل ڏي ڏسندا ۽ نيڪ نيتي سان رستو ڪڍيو ويندو.

عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد چيو ته سموري قوم سپريم ڪورٽ طرف ڏسي رهي آهي، عدالت جو فيصلو سموري قوم جو هوندو، ائين نه ٿئي جو ڳالهين ۾ هڪ کان ٻي عيد تائين ٿي وڃن.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته چونڊون رڳو ٻن پارٽين نه پر سڄي قوم جو مسئلو آهي، اليڪشن رڳو هڪ ليڊر يا پارتي جي چوڻ تي نه ٿيڻ  گهرجي، سموري قوم جو مفاد ڏسندي فيصلو ٿيڻ گهرجي.

سراج الحق چيو ته 90 ڏينهن کان 105 ڏينهن ٿي ويا، 105 ڏينهن ٿي سگهن ٿا ته 205 به ٿي سگهن ٿا،  ٻاڪري ڏينهن کانپوءِ  مناسب تاريخ تي چونڊون ڪرايون وڃن.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته عدليا، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن کي سياست کان پري رهڻ گهرجي، عدالت معاملو سياستدانن تي ڇڏي پاڻ کي سرخرو ڪري.

چيف جسٽس چيو ته 13 ڏينهن دير ٿي ته عدالت حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن شيڊيول ۾ تبديليءَ لاءِ بااختيار آهي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته عدالت 14 مئي وارو فيصلو واپس نه وٺندي، فيصلي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

چيف جسٽس چيو ته جولاءِ ۾ ٻاڪري عيدي ٿيندي ان کانپوءِ به چونڊون ٿي سگهن ٿيون، سياسي  پارٽيون اڄ ئي ڳالهيون ڪن ۽ اڳڀرائي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

جسٽس منيب اختر چيو ته هڪ ڳالهه واضح ڪريون ته اوهان پولنگ جي تاريخ اڳتي نه ٿا وڌائي  سگهو، سپريم ڪورٽ تاريخ اڳتي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست ناهي آئي، بچاءَ واري وزارت جي درخواست مذاق لڳي.

عدالت سياسي پارٽين کي چئين وڳي تائين ڳالهين جو وقت ڏيندي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو.

Tweet125
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي. علي محمد خان کي...

Home

حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو واڌ

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

حڪومت نئين مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو...

حڪومت قانونسازي لاءِ عدليا سان صلاح مشوري جي تجويز رد ڪري ڇڏي

عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي : عرفان قادر

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

وزيراعظم جي خاص مددگار عرفان قادر چيو آهي ته عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي، ججن واري...

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ، پاڪستان طرف  ٿي ويو

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ، پاڪستان طرف  ٿي ويو

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ٿي پاڪستان طرف  ٿي ويو آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي...

Sindh TV News

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In